SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


کنڀات (سُر)


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

کنڀات (سُر)

(Khanbhat)

شاهه جي رسالي جو هڪ سُر. هن سُر تي هي نالو راڳ ”کماچ“ تان پيو آهي. جيڪو کماچ ٺاٺ جو کاڊو سمپورن راڳ آهي. هن راڳ جي ”آروهي“ يعني ته چڙهڻ ۾ ڇهه سر، سا، گ، م، پ، ڌ، ني لڳندا آهن ۽ ريکب سر ڪونه لڳندو ۽ لهڻ ۾ ست ئي سر لڳندا. چڙهڻ ۾ کرج يعني سا، ”شڌ“ گندار يعني گا، ”تيور“، مڌم يعني ما، ”ڪومل“، پا يعني پنچم، ”شڌ“، ڌا يعني ڌيوت ”تيور“ ۽ ني يعني نکاد ڪومل تيور ٻئي لڳندا ۽ لهڻ ۾ نکاد ”ڪومل“ ڌبوت ”تيور“، پنچم، ”شڌ“، مڌم ”ڪومل“، گندار ”تيور“، ريکب، ”تيور“ ۽ کرج ”شڌ“ لڳندو. چون ٿا ته اهو نالو هن سُر تي انڪري پيو آهي، جو گجرات جي کنڀات شهر جي هڪ مشهور گويي ان کي رچيو هو. هي سر رات جو ڏهين وڳي ڳائبو آهي. هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پهر آهي. سنڌيءَ ۾ هن راڳ کي کنڀات چوندا آهن، جنهن جي شڪل پڻ لڳ ڀڳ اهائي ساڳي بيهي ٿي. جيئن ته سوراشٽر گجرات ۾ ڪڇ جي نار تي کنڀات نالي شهر هو. اُن ڪري هن سر جي مضمون مان لڳي ٿو ته ان سان ڪو مشهور عشقيه داستان لاڳاپيل هو، جيڪو داستان لطيف سائين جن پنهنجي ڪڇ ۽ گجرات واري سير، سفر واري وقت ٻڌو هوندو جيڪو پوءِ شعر ۾ قلم بند ڪيو هوندائون. هن سُر جو مضمون ٻن نمونن جو آهي: عاشقاڻو ۽ اخلاقي. شاهه پنهنجي پرينءَ جي سونهن جي ساراهه ڪئي آهي. محبوب کي چنڊ جي سونهن کان مٿي ثابت ڪيو اٿس.


Remember Me Also:

اهڃاڻ

ذ. [سن. اَڀِجڃانَ] نِشان ، پتو ، پارُ ، ڏَسُ ، علامَت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal